نوابشاهه:محب جمالي جي گرفتاري سان علي حسن زرداري جو تعلق ناهي: پ پ اڳواڻ

پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي نوابشاهه جي اڳواڻن پڌرو ڪيو آهي ته محب جمالي جي گرفتاري سان حاجي علي حسن زرداري جو ڪو تعلق ناهي ، ان مٿان الزام اجايا آهن،  پيپلز پارٽي نوابشاهه جي صدر علي اڪبر جمالي، پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر عبدالفتاح جمالي، تعليمي ماھر راضي خان جمالي۽ ٻين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جو محب جمالي جي گرفتاري سان ڪوبه تعلق ناھي، پر گذريل ڪيترن ڏينهن کان وٺي فقير مجاھد جمالي، نصرت سحر عباسي، فلڪ شير اوڏ ۽ ٻيا سستي شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ حاجي علي حسن زرداري تي محب جمالي جي گرفتاري جا ڪوڙا الزام لڳائي رھيا آھن، ھنن چيو ته فقير محب جمالي ۽ امير علي جمالي واري مسئلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سازش شامل آھي، ڇاڪاڻ ته ايس يو پي ھميشه سڪرنڊ ۾ پي پي پي کان شڪست کاڌي آھي، ھن چيو ته محب جمالي جي ڪابه سياسي حيثيت ناھي ، هنن چيو ته سڪرنڊ تعلقو ھميشه پي پي کٽيو آھي، ھن چيو ته ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.