حيدرآباد جي 19 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ،انتظاميا پاران نوٽيفڪيشن جاري

حيدرآباد ضلعي انتظاميه ڪورونا وائرس جي شرح ۾ مسلسل واڌ کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ 19 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو ،ضلعي انتظاميا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ، ضلعي انتظاميه پاران جاري ڪيل بيان موجب سمارٽ لاڪ ڊائون حيدرآباد ضلعي جي 7 مختلف يونين ڪائونسلن جي 19 علائقن ۾ اڄ کان  12 مئي تائين لاڳو هوندو،  تعلقي سٽي يونين ڪائونسل سٽي 3 دادن شاهه ، سرفراز ڪالوني ، يو سي سٽي 9 ايريا کوکر محلو ، گاڏي کاتو ، حيدر چوڪ،  تعلقي لطيف آباد يونين ڪائونسل لطيف آباد 1 ايريا جي او آر ڪالوني ، يونين ڪائونسل لطيف آباد 6 جي علائقي يونٽ نمبر 10 بلاڪ سي ۽ ڊي، ربيع الاول چوڪ ڪمرشل ايريا ، يونين ڪائونسل 12 جي برڪت ڀائي ٽائون، اسماعيل گوٺ، تعلقي قاسم آباد يونين ڪائونسل قاسم آباد 1 گل لطيف ڪالوني ، ميمڻ هائوسنگ سوسائٽي ، انور ولاز تعلقي قاسم آباد يونين ڪائونسل قاسم آباد 4 جي علائقي سٽيزن ڪالوني ، ماروي ٽائون، نقاش ولاز، الرحمان ڪوٽيجز ، علمدار چوڪ ۽ هيپي هومز سميت 19 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو لڳايو ويو آهي.ايس ايس پي حيدرآباد موجب ونگ ڪمانڊر پاڪستان رينجرز ۽ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرز کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.