قاضي احمد ڀرسان ٽرڪ ڊرائيور کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

قاضي احمد شھر کان جمال شاھ ويندڙ لوڊر ڊاٽسن کي مبينا طور ڦر ڪرڻ جي ارادي سان روڪيو ويو ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ته ڊاٽسن ڊرائيور افضل مهر گاڏي ۽ پيسا ڏيڻ کان انڪار ۽ مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورن مٿس ڪهاڙي ۽ ڏنڊن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري وڌو ۽ فرار ٿي ويا ۽ گاڏي ڦر ٿيڻ کان بچي وئي، اهڙي رپورٽ ڊاٽسن ڊرائيور افضل مهر قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي . قاضي احمد پوليس رپورٽ وٺڻ کانپوءِ ڊرائيور کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي قاضي احمد اسپتال  آندو جتي کيس ابتدائي علاج کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن ته ڊرائيور افضل مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڦورو هئا جن مان هڪ وٽ ڪهاڙي هڪ وٽ پسٽل ۽ ٻن وٽ ڏنڊا هئا ، مزاحمت دوران ٻن ڄڻن جا  ٻٽ لهي ويا جن کي هن چڱي طرح سڃاڻي ورتو جن مان هڪ راڻو مهر ۽ ٻيو راحب مهر ۽ ٻه نامعلوم هئا ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.