ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، 2 ڦوروزخمي حالت ۾گرفتار

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ورڙ موري وٽ رات دير سان ٽنڊوغلام حيدر پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا پوليس مقابلو ٿيڻ دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ پوليس ٻن مبينا ڦورن مدد ملاح ۽ محمد موسي دل کي زخمي حالت ۾ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو.جڏهن ته پوليس زخمي جوابدار مدد ملاح ۽ محمد موسي دل کي علاج لاءِ ٽنڊوغلام حيدر تعلقي اسپتال پهچايو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو،ٻئي گرفتار ڪيل مبينا ڦورو پاڻ ۾ ساٿي هئا جيڪي ضلعي ٺٽو جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. ٽنڊو غلام حيدر جي ايس ايڇ او سهيل احمد مرزا صحافين  کي ٻڌايو ته ٻئي ڦورو موٽرسائيڪل تي ڦر جي ارادي سان نانگو شاھ روڊ ورڙ موري ڀرسان بيٺل ھئا جن پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي,پيڇو ڪرڻ تي ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن تي پوليس جي جوابي فائرنگ دوران اهي زخمي ٿيا، ٻنهي ڦورن خلاف ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.