گھوٽڪي:10 مھينا اڳ چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف متاثر جو احتجاج

گھوٽڪي مان 10 مھينا اڳ چوري ٿيل ڪار واپس نہ ٿيڻ خلاف متاثر پاران احتجاج ڪيو ويو، متاثر ڪار مالڪ صدام حسين شر صحافين وٽ  پھچي دانهيندي چيو ته ھن جي XLI ڪار10 مھينا اڳ گھوٽڪي جي سومرا ڪالوني مان چوري ٿي وئي جيڪا گھوٽڪي پوليس ھن مھل تائين ھٿ ڪري ناھي سگھي،  صدام شر ٻڌايو تہ ھو ڪيترائي ڀيرا اي سيڪشن ٿاڻي تي پنڌ پيا ء ايس ايس پي گھوٽڪي ڏانهن ويو پر ڪو تدارڪ نه ٿيو ، ھن ٻڌايو تہ سندس گذر سفر جو ذريعو ڪار ھئي جيڪا ٽئڪسي طور ھلائيندو ھو ، ھن ڊي آء جي سکر،ايس ايس پي گھوٽڪي ء ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.