ڀان سيدآباد ۾شهر ۾ 16-16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرو ،ڌرڻو

ڀان سيدآباد ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني دوران واپڊا پاران شهر ۾ 16-16 ڪلاڪ جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف ايس يو پي ۽ شهرين پاران اصغر شاهاڻي علي رضا چنا ، منير شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن علي اصغر شاهاڻي، علي رضا چنا، منير شاهاڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڀان سيدآباد ۾ ايس ڊي او سيپڪو دلپريز سولنگي جي نااهلي ۽ غفلت سبب بجلي سڄو سڄو ڏينهن بند آهي، شهر ۾ 16 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته ايس ڊي او سيپڪو شهر جا 20 ٽرانسفارمر بنا جواز جي بند ڪري ڇڏيا آهن جيڪا وڏي زيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايس ڊي او حيسڪو جي زيادتين جو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.