ڪنگنا رناوت جو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ پنهنجي سخت موقف سان سڃاتي ويندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت جو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اداڪارا جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪورونا وائرس جي معاملي تي مودي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي معطل ڪيو ويو آهي.

ڪنگنا رناوت تازو ڀارت ۾ هٿرادو آڪسيجن پلانٽ لڳائڻ تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي.

واضح رهي ته ڪنگنا رناوت ان کان اڳ به پنهنجي سخت موقف ۽ بيانن سان مختلف مسئلن کي منهن ڏيندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.