”عمران خان جنهن ڪم جي نگراني ڪندو آهي ان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جنهن ڪم جي نگراني ڪندو آهي ان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزير اعظم جنهن ڪم جي نگراني ڪندو آهي ان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي، وزير اعظم جو چوڻ هو ته رمضان ۾ اگهن جي معاملي جي نگراني پاڻ ڪندس ۽ اپريل ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ريڪارڊ ٿي، وزير اعظم بازارن جو دورو ڪيو، اُتي شين پيل هيون پر خريدار ڪير به نه هو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب ته عوام جو ٿي رهيو آهي، 3 سالن ۾ بجلي جي قيمت ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي، 73 سالن جي تاريخ ۾ اٽي جو اگهه ٻيڻو ڪڏهن ناهي ٿيو. وزير اعظم ڪميشن ٺاهي ته اٽي جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا، کنڊ مافيا کنڊ برآمد ڪئي جنهن سان بحران پيدا ٿيو، توهان کنڊ جا اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ جهانگير ترين تي جيڪي ڪيس ٺهيا آهن انهن ۾ کنڊ ۾ کنڊ جو ڪو تعلق ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم هڪ نظريو آهي، شهباز شريف نه پي ڊي ايم ٺاهي ۽ نه هي ئي ٽوڙي، ڪراچي ۾ پوليس ڌر بڻجي چڪي آهي، ان ڪري مفتاح اسماعيل چيو هو ته چونڊ عمل جي نگراني فوج ڪري، هن کي فوج جي جاءِ تي رينجرز جو نالو وٺڻ گهرجي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.