بل گيٽس ۽ سندس گهرواري عليدگيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين شخصيت مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس ۽ سندس گهرواري شادي جي 27 ورهين کانپوءِ ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي بل گيٽس ۽ ميلنڊا پيغام جاري ڪيو ته اسان سمجهون ٿا هڪ جوڙي طور وڌيڪ گڏ نٿا هلي سگهون، تنهن ڪري اسان سوچي سمجهي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جوڙي پنهنجي پيغام ۾ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو.

ميڊيا رپورٽن موجب بل گيٽس ۽ ميلنڊا جي پهرين ملاقات 1980 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت ٿي هئي، جڏهن ميلنڊا مائڪرو سافٽ فرم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

ارب پتي جوڙي کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي، بل گيٽس ۽ ميلنڊا گڏجي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس نالي فائونڊيشن به هلائي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.