فوج جي مقرري ۽ مضبوط قدمن سان ايس او پيز تي عمل بهتر ٿيو: اسد عمر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته فوج جي مقرري ۽ مضبوط قدمن سان ايس او پيز تي عمل بهتر ٿيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ۾ بهتري نظر آئي آهي، فوج جي مقرري سميت مضبوط قدمن سان ايس او پيز ۾ بهتري آئي.

هن چيو ته قومي سطح تي ايس او پيز تي عمل ٻيڻو ٿيو آهي، قومي سطح تي ايس او پيز تي عمل 25 اپريل تي 34 سيڪڙو هو ۽ 3 مئي تي 68 سيڪڙو ٿي ويو، عيد تائين ايس او پيز تي عمل جي سطح کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته ايس او پيز تي 3 مئي تائين عمل سڀ کان وڌيڪ 88 سيڪڙو وفاق ۾، جڏهن ته سڀ کان گهٽ سنڌ ۾ 45 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 69، ڪي پي ۾ 66 ۽ بلوچستان ۾ 63 سيڪڙو عمل ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.