عيدالفطر: اسٽيٽ بئنڪ جو عوام جي سهولت لاءِ وڏو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ 8 مئي ڇنڇر ڏينهن سموريون بئنڪون پنهنجي مقرر وقت تائين کليل رهنديون.

اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سموريون بئنڪون ۽ مالياتي ادارا 8 مئي تي صبح 9 کان منجهند 2 وڳي تائين کليل رهندا، اهو فيصلو عوام جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اسٽيٽ بئنڪ به عيدالطفر جي موقعي تي 10 کان 15 مئي تائين بند رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.