نيب آفيسر وڏا فراڊ پيا ڪن ۽ چيئرمين چپ ويٺو آهي: چيف جسٽس پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب ۾ موجود آفيس وڏا وڏا فراڊ پيا ڪن ۽ نيب چيئرمين چپ ويٺو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فاضل بينچ نيب آفيسرن طرفان جوابدارن کان رشوت وٺڻ تي ٻيهر انڪوائري جي حڪم خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته نيب چيئرمين ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رهيو آهي هو بنا انڪوائري جي ڪنهن ملازم کي ڪيئن فارغ ڪيئن ٿو ڪري سگهي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عمران الحق موقف اختيار ڪيو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فاخر شيخ ۽ ترويش جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 3 مهينن ۾ ٻيهر انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب جي رويي تي ڪاوڙ پيو، هن ريمارڪس ڏنا ته نيب اهڙن ماڻهن کي پگهار وٺڻ ۽ غلط ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي، نيب ۾ موجود اهڙا آفيسر وڏا وڏا فراڊ پيا ڪن ۽ نيب چيئرمين چپ ويٺو آهي. نيب آفيسرن کي ادارو هلائڻ ئي نٿو اچي، نيب جو ادارو ڇا پيو ڪري، تماشو بڻيل آهي، نيب ۾ ٻن مهينن ڪم ۾ ٽي سال لڳائي ڇڏيا، معاملو 2018ع کان پيو هلندو اچي پر اڃا تائين نيب انڪوائري مڪمل ناهي ٿي سگهي، ڪيس کي ٽي سال گذرڻ باوجود هن وقت تائين نيب ڪجهه ناهي ڪيو، نيب جي ماڻهن ڄاڻي واڻي ڪيسن ۾ گهپلا ڪيا جيئن ڪيس خراب ٿي وڃي. عدالتي آبزرويشنز کان پوءِ نيب پنهنجي طور تي انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيس واپس وٺي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.