وزيراعظم جي عيد تي ايس او پيز تي سختي سان عمل جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو ويندو ۽ عوامي ضرورتن جي ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت ڪورونا وائرس جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عيد جي موقعي تي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.

اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو ويندو ۽ عوامي ضرورتن جي ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي، ترقياتي ڪمن سان معاشي سرگرمين ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.