ڪيترن ئي رانديگرن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ کانپوءِ انڊين پريميئر ليگ ملتوي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا جي بدترين صورتحال ۽ ڪيترائي ڪرڪيٽر وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ انڊين پريميئر ليگ کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

ليگ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري بيان موجب انڊين پريميئر ليگ جي گورننگ ڪائونسل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هنگامي اجلاس ۾ فوري طور آءِ پي ايل 2021 سيزن کي ملتوي ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو.

واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ رانديگرن جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن آءِ پي ايل جي ميچ به ملتوي ڪئي وئي هئي.

رپورٽن موجب جن رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، انهن ۾ ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز جا ورن چڪرورتي ۽ سنديپ وارير به شامل آهن، ان کانسواءِ چنئي سپر ڪنگز جي بالنگ ڪوچ لڪشمي پتي بالاجي ۽ ٽيم جي سپورٽ اسٽاف ميمبر جي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آئي آهي، انهن ڪيسن کانپوءِ چنئي جي سڄي ٽيم کي قرنطينه ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.