ڪورونا: هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 161 ڄڻا فوت، نون ڪيسن ۾ گهٽتائي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 161 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا پر نون ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ هڪ مهيني کانپوءِ 4 هزارن کان گهٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ اندر 3 هزار 377 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 161 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

ملڪ ۾ تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار کان گهٽ ڪيس سامهون آيا آهن، گذريل مهيني 5 اپريل تي ڪورونا جا 3 هزار 953 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3377 ڪيس سامهون آيا آهن.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8.9 سيڪڙو رهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سان فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 18 هزار 310، جڏهن ته ڪيسن جو مجموعي انگ 8 لک 37 هزار 523 ٿي ويو آهي.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 هزار 18 مريض صحتياب ٿيڻ کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو مجموعي انگ 7 لک 33062 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 86 هزار 151 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.