نئون آباد مان گهربل جوابدار گرفتار، عدالت پيش

ڄام نوازعلي( رپورٽ: احسان قمبراڻي) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ تلاشاهه ۾ پاڻي جي واري تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي محمد  يعقوب خاصخيلي جي قتل ڪيس گهربل جوابدارن مان ٽن جوابدارن علي حسن خاصخيلي ,نوازعلي خاصخيلي ,نورعلي خاصخيلي کي نئون آباد  پوليس گرفتاري ڪري ورتو آهي جنهن بعد گرفتار جوابدارن کي نئون آباد پوليس پاران واسطيدار عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٽن ڏينهن جي جي جسماني ريمانڊ تي کين پوليس حوالي ڪيو آهي .واضيح رهي ته خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي واري تي ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻي محمد  يعقوب خاصخيلي ٻن ڏينهن۾ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن جي قتل ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن خلاف قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۾ نئون آباد   پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.