سيٺارجن لڳ گم ٿيل ناري جو کوهه مان لاش هٿ

سيٺارجا (رپورٽ:علي نثار آرائين) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڏيپارجا ۾ مقامي رھواسي نثار احمد چنا جي نوجوان 23 ساله زال مسمات رينا  گذريل ڏينھن صبح جو سوير گھران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي ھئي جنھن کي وارثن پاران گھڻو تلاش ڪيو ويو پر سندس ڏس پتو نه ملي سگھيو ھيو جنھن بعد اڄ ٻئي ڏيھن سندس لاش شھر جي موزل شاه پاڙي وٽ موجود قديمي کوه مان ھٿ آيو جنھن جو ڏيپارجا پوليس چوڪي جي عملدارن ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو ويو جن پھچ لاش ڪڍرايو ۔ ناري جي وارثن پاران پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو ته ناري رينا مٿان جنات جو اثر ھيو ۽ ھو ڪالھ صبح جو اچانڪ گھران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي ھئي ۔ ٻڌايو ويو آھي ته ناري جا والدين ھنڱورجا جا رھندڙ آھن ۽ ڏيپارجا ۾ سندس جي نثار چنا سان شادي ٿيل ھئي ۽ کيس ھڪ نياڻي جو پڻ اولاد آھي  سيٺارجا ايس ايڇ او خليل الرحمان مسڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جو لاش ڏيپارجه شهر اطلاع مليو  جنهن بعد واقعي واري هنڌ پهچي کوه مان لاش ڪڍرائي ورتو آهي  ناري جي وارثن ٻڌايو آهي ته جنات جو اثر هجڻ ڪري کيس جو موت ٿيو آهي واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.