سکر ۾ پنو عاقل واسين جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سکر(رپورٽر) پنو عاقل جي رهواسي مهر برادري جي مرد عورتن پاران قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات شريمان، مائي سياڻي، ڄامل خاتوم، نذر محمد احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 5 ڏينهن پهريان برادري جي بااثر ماڻهن ٿوڙي ڳالهه تي ٿيل منهن ماري جي ڪري اسان جي مائٽ رحمت  الله کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد پوليس پاران اسان کي جوابدار جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي گهرائي الٽو اسان جي ٽن مائٽن امجد، عبدالغفور ۽ وزير کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ پوليس اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ حراسان ڪري رهي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري پوليس پاران ناحق گرفتار ڪيل مائٽن کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.