خيرپور ۾ نوجوان جي قاتلن ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپور (ڊر) 15 ڏينهن اڳ نوجوان کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ڦلپوٽا برادري جي عورتن مردن ۽  معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي مسمات نجمه، مسمات سدوري، مسمات زاھدھ، علي مردان ڦلپوٽو، شاھد ڦلپوٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، علي اصغر ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ھڪ 15 ڏينهن اڳ راڻيپور ٿاڻي جي حد رضا محمد ڪالوني ۾ پراڻي سڳاوتي تڪرار تان بااثرن گوليون هڻي علي مراد ڦلپوٽو کي بيدردي سان قتل ڪيو جڏهن ته سندس گھرواري مسمات ثمينه کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا راڻيپور ٿاڻي تي فوتي جي امڙ مسمات نجمه ڦلپوٽو جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس ھن مھل تائين جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي جڏهن ته جوابدار بااثر آهن ۽ انهن راڻيپور پوليس کي وڏي رشوت ڏني آهي جنهن ڪري جوابدار سري عام گھمي رھيا آھن. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علي مراد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان مٿان داخل ڪيس ختم ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.