ٽنڊي محمد خان لڳ روڊ حادثو، نوجوان فوت، 3 زخمي

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊومحمدخان ڀرسان روڊ حادثو هڪ نوجوان ٿڏي تي فوت . پيرسن عورت سميت معصوم نينگري ۽ پيرسن سخت زخمي  خبرموجب ٽنڊومحمدخان ڀرسان بلڙي شاهه ڪريم روڊ نائون ميل سٺيا بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار شهزور مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 30 ورهين جو راشي ڪولهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو . جڏهن ته پيرسن عورت شريمتي سوڍي . هڪ ڄڻو رائو مل . ۽ 5 ورهين جي معصوم نينگري پوجا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ٽنڊومحمدخان جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتا نازڪ حالت ۾ پيرسن عورت سوڍي حيدر آباد سول اسپتال نيو ويو آهي . هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ کانپوءٌ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي . هو ڏانهن پوليس شهزور  مزدا گاڏي جي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.