خيرپور ۾ بدامني، ڪار سوار ڪٽنب کان ڦر ڪوشش

خيرپور (ڊ ر)خيرپور ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل رات دير سان ٺيڙھي باءِ پاس تي قاسميه سي اين جي جي ڀرسان شهري عمير ميمڻ پنهنجي فيملي سان گڏ گمبٽ کان روهڙي وڃي رهيو هو ته پنجن کان وڌيڪ هٿياربندن سندس گاڏي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عمير ميمڻ بيهڻ جو اينڊيڪيٽر ڏئي ۽ چالاڪي سان گاڏي ڀڃائي پنھنجي جان بچائي اهڙن واقعن کان پوءِ خيرپور جي شهرين سماجي اڳواڻن ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي هنن چيو ته خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ بند امني چوٽ چڙهي وئي آهي ڦريون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن کان ڳري رشوت وٺي پوءِ آزاد ڪري ٿي،شهرين مطالبو ڪيو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ته ٻيهر اهڙا واقعا پيش نه اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.