شاهپور چاڪر لڳ گولي هڻي عورت مرڻينگ، جوابدار آزاد، ڌرڻو

شاهه پور چاڪر (ن ع آ) شاهه پور چاڪر ڀرسان ڳوٺ ولي محمد بروھي ۾ زمين تڪرار تان بااثر زميندار سنجراڻي ۽ ھاري بروھي برادري ۽ چار ڏينھن ۾ اڳم جھلڻ برادي جي عورت خديجہ جھلڻ زال زاھد جھلڻ جيڪا زمين ۾  گاھ ڪري رھي ھئي تہ کيس ٽنگ ۾ گولي لڳي زخمي ٿي پئي ھئي جنھن ڪري بروھي ۽ جھلڻ برادري جي ماڻھن علي شير بروھي گل شير بروھي زاھد جھلڻ احسان جھلڻ جي اڳواڻي ۾ شاھپورچاڪر جي سداہ واہ جي پل تي بااثر زميندار سنجراڻي جي خلاف احتجاج مظاهرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ جو چوڻ آهي تہ بااثر زميندار سنجراڻي تي پوليس ايف آء آر داخل نہ ٿي ڪري  جنھن ڪري اسان روڊ بلاڪ ڪيو آھي روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري نوابشاھ ۽ سانگھڙ ڏانھن ويندڙ سموري ٽريفڪ معطل ٿي وئي آھي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي تہ جيستائين ڪيس داخل نہ ٿيندو تہ اسانجو احتجاج جاري رھندو جڏھن تہ ايس ايڇ او شاھپورچاڪر جو چوڻ آهي تہ اسان ھنن کي ليٽر ڏنو آھي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ کان پوء ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.