ڪنب ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن کان ڏنڊ وصول

ڪنب (ن ع آ) ڪنب شھر ۾ روزه مره جي شين ۾ اگهن ۾ هٿراڌو واڌ ريٽ لسٽ نه هجڻ جي شڪايتن تي مختيارڪار ڪوٽڏيجي علي نواز ڪولاچي پاران دڪانن تي ڇاپا هڻي واڌو اگھ وٺڻ ۽ ريٽ لسٽ نه هجڻ ۽ ايس اوپيز تي عمل نه ڪرڻ تي ستن کان وڌيڪ دڪانن تي هزارين رپيا ڏنڊ وڌو ان موقعي تي مختيارڪار علي نواز ڪولاچي چيو ته ڀلاري ماه رمضان جو احترام سڀني تي لازمي آھي هن مقدس مهيني ۾ منافعي خوري ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن موجب ايس اوپيز تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ايس اوپيزتي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي ويندي.

مٺي اسپتال جو هٽايل ايم ايس وري بحال، نوٽيفڪيشن جاري

مٺي (بيوروچيف)چيف سيڪريٽري سنڌ مٺي سول اسپتال جي معطل ڪيل ايم ايس گل منير وسطڙو کي ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ ايم ايس مٺي کي 2 اپريل تي معطل ڪيو هو،چيف سيڪريٽري ايم ايس مٺي کي ٻيهر بحال ڪري ساڳي اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ جو لکت ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،ايم ايس گل منير وسطڙو بحالي بعد ٻيهر باضابطه نموني ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

حيدرآباد ۾ ٽنڊي الهيار واسي جو ڀاءُ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊو الهيار جي رهواسي محمد مبارڪ خانزاده ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ڀاءُ رياض احمد، 72 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي قبضو ڪري کيس بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سال 2018 کان سندس ڀاءُ رياض احمد خانزاده سندس زمين تي قبضي جي ناجائز ڪوشش ڪندو رهيو آهي، جڏهن تازو بااثر ماڻهن سان گڏجي زمين تي قبضو ڪري زمين تي ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن ۽ کيس زمين تي اچڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر ماڻهن جي قبضي مان سندس زمين آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.