دادو ۾ بدامني شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، ڦرون ۽ چوريون معمول، احتجاج

دادو(رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) دادو ۾ 4 مهينن جي دوران ڦرن ۽ چورين جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي جڏهن ته شهر جي اندر سرعام ڦورو شهرين کي تشدد جو نشانو بڻائي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن پر پوليس ڏوهارين جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته شهرين جي چورين ۽ ڦرن جي واقعن جا ڪيس داخل ڪرڻ جا ٿاڻن جي عملدارن جي رشوت طلب مسڪين ماڻهو ڪيس داخل ڪرائڻ بدران چورين جي واپسي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي وڏيرن ۽ پاٿاريدارن جي درن جا چڪر ڪاٽڻ لڳا، پوليس شهرين کي ڏوهارين جي  رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف دادو جي سياسي سماجي تنظيمن وڪيل برادري ضلعي جي چئن ئي تعلقن جوهي ،ميهڙ،ڪي اين شاه ۽ دادو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻن سان گڏ بک هڙتالون ڪيون پر ڪنهن پوليس عملدار جي ڪن تي جونءَ به نه چري نه ئي شهر جي اندر وڌندڙ بدامني جي خلاف ڪنهن پوليس عملدار ڪو ايڪشن ورتو. جڏهن ته دادو تعلقي ۾ لوڪل بورڊ مسجد جي ويجهو عبدالرشيد قريشي جي گهر مان نامعلوم چورن ڀت ٽپي 4 تولا سون ۽ ٻيون لکين روپين جو قيمتي سامان چوري ڪيو ويو.  رفيق ڪالوني مان واحد ٻٻر ۽ نظير چانڊيو جي گهر مان ٻه سولر پليٽون هڪ بيٽري موبائل فونون چوري ڪيون ويون، خيرپور  ناٿهن شاه تعلقي ۾ ڳوٺ دودو خان لغاري ڳوٺ مان رياض لغاري جي گهر مان نامعلوم چور کاٽ هڻي ٽن لک روپين جو سون چوري ڪري ويا، مرتضيٰ لغاري جي گهر مان ٻه سولر پليٽون مهدي شاه لنڪ روڊ تان نامعلوم هٿيار بند گل محمد لغاري کان موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا ميهڙ تعلقي ڳوٺ قاضي عارف پوليس پوسٽ جي سامهون شهر جي وچ چونڪ مان ميڊيڪل اسٽور لياقت مهيسر کان نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اسٽور مان لکين روپيا روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ويا ۽ ساحل ميڊيڪل اسٽور تان 3 نامعلوم هٿياربندن هٿيارين جي زور تي مختيار علي کوسو کان 6 هزار روپيا روڪ ڦر ڪيا مزا حمت تي کيس هٿياربندن زخمي ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي خلاف شهرين ۽ اسٽور يونين پاران قاضي عارف چونڪ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنڻي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، خانپور جوڻيجو ۾ چور اسمار ملاح جي موبائل شاپ کي کاٽ هنڻي لکين روپين جي چوري ڪري ويا دادو شهر جي پي سي بي گرائونڊ وٽان چور مولابخش لنڊ جي ڪيبن مان هزارين روپين جي چوري ڪري ويا ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد مان لاڏائو خاندان سان تعلق رکندڙ 15 سالن جي نينگري فريده کي اغوا ڪيو ويو ڪي اين شاه جي زميندا ر اعجاز لغاري جي گهر مان 15 کان وڌيڪ هٿياربندن گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي لکين روپيا روڪ سون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا ،ايس ايس پي دادو جي آفيس آڏو سرعام ڏينهن ڏٺي جو ٺيڪيدار ذوالفقار پنهور کان هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ هو  معزاڻي طور بچي ويو دادو ضلعي جي اندر وڌندڙ بدامني جي ڪري دادو جي سيي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا ڌرڻا هنيا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.