عدالتي حڪم نظر انداز، جهڏي ٽائون جو ملازم ٽي ايم او اسلام ڪوٽ مقرر

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) جهڏي جي ٽائون ڪاميٽي مان پگهار کڻندڙ لوڪل ڪائونسل کاتي جو ملازم اسسٽنٽ اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي ۾ ٽي ايم او مقرر ، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تازو ڊيپوٽيشن ۽ ايڊيشنل چارج رکندڙن کي واپس پنهنجين پوسٽن تي مقرر ڪرڻ جو حُڪم جاري ٿيڻ باوجود جهڏي ٽائون ڪاميٽي مان پگهار محمد عثمان قائمخاني جيڪو عدالتي حڪمن جي به ڀڃڪڙي ڪندي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ساڳئي وقت پگهار ٽائون ڪاميٽي جهڏي مان کڻي رهيو آهي، ڄاڻايل ملازم محمد عثمان قائمخاني جيڪو ڪائونسل جو اسسٽنٽ ملازم آهي جنهن کي ڪائونسل ۾ ئي مقرر ڪري رکڻو آهي، پر سياسي پٺڀرائي هجڻ ڪري کين غيرقانوني طريقي سان اسلام ڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ٽي ايم او جو آرڊر رد ڪيو هو، پر باوجود سيڪريٽ مان جڳاڙ عيوض پنهنجو واپس آرڊر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، اهڙي انڌهيرنگري جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، عوامي آواز جي رابطي تي ٽي ايم او جهڏو عامر علي زرداري تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسلام ڪوٽ ٽائون ۾ ٽي ايم او طور مقرر ٿيل محمد عثمان اسان وٽ اسسٽنٽ طور مقرر آهي ۽ پگهار هتان کڻندو آهي، هي لوڪل ڪائونسل جو ملازم آهي، هوڏانهن اسلام ڪوٽ ۾ ٽي ايم او طور مقرر ڪرايل محمد عثمان قائمخاني چيو آهي ته منهنجي ڊيوٽي جهڏي ٽائون ۾ آهي ۽ آئون اُتي اسسٽنٽ طور ڪم مقرر آهيان، پگهار به اُتان کڻدو آهي، باقي هيئنر هتي ٽي ايم او لڳل آهيان، جيڪو عدالتي حُڪمن جي ڪا به توهين ڪونهي، منهنجي هتي ٽي ايم او طور قانوني مقرري ٿيل آهي، جنهن کي غيرقانوني نه ٿو چئي سگهجي.

ٽي ايم او اسلام ڪوٽ جون نظرون بجيٽ تي، شهر گندگي جو ڍير

اسلام ڪوٽ: ٽائون ڪاميٽي مڪمل طور مسئلن جي ور چڙهي ويئي،جُڳاڙي طريقي سان مقرر ڪرايل ٽي ايم او جون نظرون ٽائون جي هڪ ڪروڙ بجيٽ تي آهن،مليل رپورٽن موجب ته هڪ پ پ جي سياسي اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائيندي ڄاڻايل ٽي ايم او کي بجيٽ هڙپ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪرايو آهي،پر اي سي پاران جعلي ۽ غلط بلن تي صحيحون نه ڪرڻ سبب ٽائون جا پئسا اڃان تائين بچيل آهن، جڏهن ته جُڳاڙي طريقي سان مقرر ڪرايل ٽي ايم او جي اچڻ بعد شهر مڪمل طور تي مسئلن جي ور چڙهي کنڊرات بڻجي ويو،شهر ۾ صفائي سميت ڪٿي به ڪا ڪم نظر نه ٿو اچي،ڄاڻايل ٽي ايم او روزاني جهڏي کان اسلام ڪوٽ ايندو آهي.

اختيارن کي اورانگهي مٿين گريڊ جو  لوڪل ڪائونسل جو ملازم ٿاڦيل

اسلام ڪوٽ:17 هين گريڊ جي ٽي ايم او جي پوسٽ تي لوڪل ڪائونسل جي ملازم کي ٽي ايم او مقرر ڪري اختيارين قانون کي لت هڻي ڇڏي، ڄاڻايل لوڪل کاتي جو ملازم ڪافي مهينا اڳ ٽائون ڪاميٽي چيلهار ۾ به غيرقانوني طور ٽي ايم او ٿي رهي چُڪو آهي، ٻئي پاسي ٽي ايم او ڪري مقرر ڪرايل لوڪل کاتي جو ملازم عثمان قائمخاني ماڻهن کي سنڌ سيڪريٽ مان مختلف ڪميشن عيوض غلط ڪم ڪرائي اچي ڏيڻ بهاني مهم هلائي رهيو آهي، جيڪو مختلف ماڻهن کي سنڌ سيڪريٽ ۾ نوڪرين، مختلف بلن سميت باقي ڪمن جا ڪم ڪميشن عيوض ڪرائي ڏيڻ جون لالچون ڏيئي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.