جج آفتاب ڳورڙ جي گهر واري دل بيهڻ سبب فوت

قمبر (ڊ ر)هاءِ ڪورٽ جي جج آفتاب احمد ڳورڙ جي گهرواري دل جو دورو پوڻ سبب فوت  ٿي وئي جنهن جي نماز جنازہ سندس اباڻي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازه ۾ قمبر جي سياسي سماجي ڌرين سميت بيورڪريٽس ۽ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،مرحومه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته پونئير سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

لاڙڪاڻي ۾ معذور پيرسن جو مالي سهائتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واري علائقي جي رهواسي معذور پيرسن غلام حسين چاولي مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته هٿن ۽ پيرن کان معذور ٿيڻ کان بعد ڪو به ڪم ڪار نه ٿو ڪري سگهان، مون کي 7 ٻارن جي اولاد آهي، جن مان 3 نياڻيون مومل، نجمه، زاهده ۽ هڪ پٽ بشير احمد ٻنهي هٿن ۽ پيرسن کان معذور ٿي گهر ۾ هڪ کٽ تي پيل آهن. هن چيو ته مون کي ڀينس ڪالوني ۾ 500 چورس فوٽ پلاٽ آهي هن وقت پٽ جوان آهن ايتري وصيعت ناهي جنهن ڪري آءُ سالن کان وٺي ڪرايي جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪيون ويٺو آهيان، اختياريون مالي سهائتا ڪن

حيدرآباد ۾ قاضي احمد واسي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) نوابشاهه جي تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ ڦوٽو ڪنڀر جي رهواسي محمد صالح ڪنڀر زرعي زمين تي ٿيندڙ  قبضي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته علائقي جا بااثر ڪٻر برادري جا ماڻهو سندس 124 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته زمين ديهه ميرواهه ۾ آهي، جيڪا هن 2001 ۾ محمد خان ڀٽي کان ورتي هئي، انهي زمين تي هو هٿياربند ساڻ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته زمين تي بيٺل وڻ به هو ڪٽرائي ويا آهن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.