ڪراچي: ميڊيا عوام جو آواز بڻجڻ بدران ڪاروبار بڻجي وئي:صحافي اڳواڻ

صحافي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سينيئر صحافين چيو آهي ته ميڊيا عوام جو آواز بڻجڻ بدران ڪاروبار بڻجي چڪي آهي،اهو ئي سبب آهي جو بحريا ٽائون جي عوام سان ظلم باوجود ميڊيا جا منهن بند آهن،معلومات تائين پهچ عوام جو حق آهي جنهن تي عمل نه ٿيڻ سان غلط رجهانن کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو، پاڪستان پريس فائونڊيش پاران صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي ڪوٺايل سيمينار  ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ،سينيئر صحافي مظهر عباس، پي ايف جي اڳواڻ جي ايم جمالي، پروفيسر توصيف خان، اويس اسلم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته اڄ صحافت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ هي جيڪو سلوگن آهي اها عوام جي ملڪيت آهي جيڪڏهن عوام جي ملڪيت عوام تائين نه پهچائي وئي ته نه صرف غيراخلاقي پر هڪ مجرماڻو قدم هوندو،هن چيو ته بحريا ٽائون انتظياميا خبر ناهي ڪيتري رياستي ۽ غير رياستي آهي هو هن وقت معاشري لاءِ تمام وڏو خطرو بڻجي ويو آهي ۽ تقريبن ميڊيا هائوسز خوف جو شڪار آهن ، بحريا ٽائون جي اهڙي بدمعاشي آڏو اسان کي ڪيترن ئي ادارن سان ٽڪرائڻو پوندوآهي

ان موقعي سنيئر صحافي مظهر عباس چيو ته جڏهن اسان پاڻ پروگرام يا ٽاڪ شو ڪندا آهيون ته ان وقت اسان پاڻ خوف ۾ ورتل هوندا آهيون ۽ اسان کي ڪيترن ئي هنڌن تان خطرو هوندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن توهان سچائي سان پنهنجي صحافت ۽ رپورٽنگ ڪندئو ته ڪنهن کي همت نه ٿيندي جو اوهان خلاف ڳالهائي ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ڪٿي غلط بياني ڪري رپورٽنگ ڪندئو ۽ پاڻمرادو خوف ۾ هوندئو ته ڪنهن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي نه سگهندو،

ان موقعي تي جي ايم جمالي چيو ته ميڊيا مان 5 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نيڪالي ڏيندڙ ادارن جا مالڪ 5 کان 8 ڊڪليئريشن وٺي ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا، مالڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  ڪو مڪينزم ناهي، هن چيو ته پورهيتن جي حق آڏو حڪومت نه پر مالڪ وڏو مسئلو آهن، ڇاڪاڻ تي اهي پاڪيٽ يونين ٺاهي مسئلا پيدا ڪن ٿا، هن چيو ته هو اهڙن مالڪن سان گڏ نه هوندا جيڪي ورڪرن جي پاسي نه بيهن هو صرف ورڪرن جي مالڪي ڪندڙ سان گڏ هوندا، هن چيو ته ميڊيا هائوس بحريا ٽائون جي بلڊر آڏو خاموش آهن، ڪير به انهن خلاف خبرون نٿو هلائي

هن چيو ته صحافين جي آزادي واري بل ۾ ڪجهه مسئلا هجڻ ڪري رڪيل آهي پر هو جلد ايوان مان منظور ٿي ويندو

رپورٽ_ صادق سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.