اوٻاوڙو ڀرسان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،7 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو لڳ راونتي ٿاڻي جي حد راونتي روڊ قطال اڏي ڀرسان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سان لٺيون لڳڻ سبب ٻنهين ڌرين جا ست ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ ڌر جو مانجھي خان ڪوش ،فضل الرحمان، طيب ڪوش، ٻي ڌر جو بخشو ڪوش نذير ڪوش دادن ڪوش زخمي ٿي پيا، ان موقعي تي مانجھي خان ڪوش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي زرعي زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا ته بخشو ڪوش پنهنجي ماڻهن سان انهن مٿان لٺين ڪهاڙين سان حملوڪري ڏنو جنهن سبب هن سميت انهن جا چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو ان موقعي تي هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ،هنن  سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل صاحب کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي .
رپورٽ_ بشير احمد ملڪ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.