ڄامشورو: ٽائون ڪاميٽي جي عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي صفائي عملي کي گذريل ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ 20 پورهيتن کي برطرف ڪرڻ خلاف پورهيتن الياس مسيح, عرفان مسيح ,اعجاز مسيح, نبيل مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرد توڙي عورت ملازمن پاران ٽائون ڪاميٽي آفيس کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪئي وئي, ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل 15 سالن کان ڄامشورو ٽائون ۾ ملازمت ڪري رھيا آھيون پر هڪ بااثر ۽ ڪرپٽ ڪلارڪ جي ڪرپشن جي ڪري بجيٽ ۾ هٿرادو کوٽ ڏيکاري هر ميهني اسان جي پگهار روڪي وڃي ٿي, هنن  چيو ته حقن لاء جدوجهد ڪرڻ تان ٽائون انتظاميا پاران اسان جي  20 پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪيو ويو آهي, هنن مطالبو ڪيو ته رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ۽ جبري طور برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري رهندو.

رپورٽ_صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.