هالا: ايس ڊي او حيسڪو جا ڇاپا،بجلي چوري ڪندڙ 60 واهپيدار سوگها

ايس ڊي او حيسڪو هالا آصف گاڏهي يونين اڳواڻ برڪت ڳاهوٽي، عامر ميمڻ، رضوان ملاح سميت ٻين عملددارن سان گڏجي هالا شهر جي مختلف علائقن مخدوم امين فهيم، گلشن فهيم ڪالوني، ڀوڳڙي بازار سميت ٻين علائقن ۾ بجلي چوري ڪندڙ60 ڄڻن جون لڳل تارون لاهيندي ڀوڳڙي بازار جي مين چوراهي تي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيون، ٻئي طرف حيسڪو عملدارن بجلي جا بل جمع نه ڪرائيندڙ واهپيدارن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، جڏهن ته بجلي چوري ڪندڙ پڪڙيل واهپيدارن خلاف هالا ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي ، ان موقعي تي ايس ڊي او حيسڪو هالا آصف گاڏهي  چيو ته بجلي جون رهيل بقايائون جمع نه ڪرائيندڙن جون ڪنيڪشنون ڪاٽيون ويون آهن، جڏهن ته بجلي چوري ۾ پڪڙيل  شهرين جق نالا لکي رپورٽ هاء ڪمان کي اماڻي ڇڏي آهي.

رپورٽ_عابد فقير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.