تلهار: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران عملي سوڌو شهر جو دورو،دڪاندارن تي ڏنڊ

اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار غلام حسين ڪانھيو راڄوخاناڻي شهر پھچي تلھار روڊ جي نظاماڻي پيٽرول پمپ کان گاڏي مان لھي پيدل پنهنجي عملي ۽ راڄوخاناڻي پوليس جي ھڪ وڏي نفري سان گڏجي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪيون جنھن ۾ سوائي چوڪ تي ھڪ ميڊيڪل اسٽور واري عملي کي ماسڪ ۽ گلوز نه ھجڻ ڪري ڏنڊ وڌو ،واپڊا آفيس چوڪ جي ھڪ اٽي چڪي ۾ عملي تي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ھنيو جڏهن تہ ٻن فروٽ وارن ۽ ھڪ مرغي جي اڏي واري وٽ به ريٽ لسٽون نه ھجڻ تي ڏنڊ وڌو ، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار غلام حسين ڪانھيو عوامي آواز ٽي وي ۽  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت بدين ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي سخت ھدايتن تي پوري تعلقي تلهار ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو .

رپورٽ_امداد علي نظاماڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.