خانپور مهر:اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ پاران رينجرز عملدارن گڏجي شهرجو دورو

خانپور مهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد علي ماڪو, رينجرز عملدارن گڏجي شهر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڪرونا خدشي سبب اعلانيل ايس او پيز جو جائزو ورتو، ماسڪ نه پائيندڙ ۽ سماجي وٿي نه رکندڙ دڪاندارن جا دڪان سيل ڪيا ويا،ان کان علاوه عملدارن شهرين ۾ ماسڪ پڻ ورهايا جنهن کانپوءِ شهرين جي سهوليت لاء خانپورمهر جي مختيار ڪار آفيس ۾ سستي اگهه تي 85 روپيا في ڪلو کنڊ جي اسٽال جو افتتاح پڻ ڪيو ويو ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه پڻ چيڪ ڪيا،ان موقعي تي اي سي خانڳڙھ ماجد علي ماڪو چيو ته شهرين ۽ دڪاندارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته شهرين جي سهولت لاء سستي اگهه تي کنڊ جو اسٽال پڻ قائم ڪيو ويو آهي عام واهپي جي شين جا وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي­­.

رپورٽ_ميهرمهر

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.