سام سنگ جو پهريون انڊر ڊسپلي ڪيمرا سان ليس اسمارٽ فون

سام سنگ طرفان جلد 2 فولڊ ايبل اسمارٽ فونز متعارف ڪرائڻ جا امڪان آهن.

حقيقت ۾ هي ڪي نوان فونز نه پر ڪمپني جي گليڪسي فولڊ ۽ گليڪسي زي فلپ جا اپ ڊيٽ ماڊلز آهن جن کي هاڻ وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي.

گليڪسي زي فولڊ 3 ۽ گليڪسي زي فلپ 3 جي باري ۾ اڃا اِها ڄاڻ ناهي ته هن کي ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، پر هن جي باري ۾ ڪافي تفصيل هڪ ليڪ مان آڏو آئي آهي.

ليڪ مان اِشارو ملي ٿو ته گليڪسي زي فولڊ 3 ۾ ايس پين سپورٽ موجود هوندي جڏهن ته زي فلپ 3 ۾ ورٽيڪل ڪيمرا سيٽ اپ ڏنو ويندو.

ليڪ موجب گليڪسي فولڊ 3 پهريون فولڊ ايبل اسمارٽ فون هوندو جنهن ۾ سلفي ڪيمرا ڊسپلي جي اندر لڳل هوندي.

حقيقت ۾ هي سام سنگ جو به پهريون اهڙو فون هوندو جنهن ۾ انڊر ڊسپلي ڪيمرا ڏني پئي وڃي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائون موجود آهن جڏهن ته هڪ ايل اي ڊي فليش به آهي، جڏهن ته هن ڀيري ڪيمرا آئي لينڊ جو حجم پهرين کان گهٽ آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ گليڪسي زي فلپ 3 ۾ گوريلا گلاس وڪٽس کي فون جي هر سائيڊ تي ڏنو ويندو جيئن ان کي وڌيڪ تحفظ ملي سگهي.

فون ۾ ڪيمرائن سان گڏ پهرين کان وڌيڪ وڏو ڊسپلي ڏنو پيو وڃي.

هن سيڪنڊري ڊسپلي ۾ نوٽيفڪيشنز جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ڏسي سگهجي ٿي جڏهن ته هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ 3 رنگن ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.