شڪارپور: پابندي مڙهيل داعش  ۽ تحريڪ طالبان جا 3 دهشتگرد گرفتار

شڪارپور پوليس سلطان ڪوٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري  پابندي مڙهيل تنظيم داعش ۽ تحريڪ طالبان  سان تعلق رکندڙ 3 دهشت گردن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران پنجوٿا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته شڪارپور ۾ دهشت گردي جا واقعا ٿي چڪا آهن تنهن ڪري پوليس مفرور دهشت گردن جي تلاش ۾ هئي اسان کي ڳجهو اطلاع مليو هو ته سلطان ڪوٽ واري علائقي ۾ ڪجه دهشت گرد موجود آھن تنهن ڪري اسان جي پوليس ڪاروائي ڪري 3 دھشت گردن محمد صديق بروھي ،محمد عثمان بروھي ۽خالد محمود پندراڻي کي گرفتارڪري ورتو،  هي شڪارپور ۾ امام بارگاهه ۽ ٻين ڌماڪن ۾ ملوث اهن ۔ هنن جو تعلق پابندي مڙھيل تنظيم داعش ۽رتحريڪ طالبان سان آھي۔ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون۔

رپورٽ_فريد فاروقي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.