ڏهرڪي: صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي گهوٽڪي جي صحافين پاران ريلي

صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس طرفان ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ وڏي انگ ۾ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جي صدر لالا قادر ڀٽو. اسلم حسيني. ميرحسن لاشاري. حزب الله پتافي. غلام حسين ڀٽو. وجي ڪمار چاولا۔ شڪيل رضا. آصف شر. علي حسن مزاري ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ صحافين سان وڏيون ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته حق سچ لکڻ جي ڏوه ۾ ڪيترائي صحافي قتل ڪيا ويا آھن  جن جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آھي. هنن چيو گهوٽڪي ضلعو جيڪو سردارن جاگيردارن پيرن ميرن جو ضلعو آھي، ان ۾ به صحافي هميشه حق سچ لکندا آيا آھن. پر ڪوبه ڀوتار جاگيردار انهن کي جهڪائي نه سگهيو آھي.

هنن چيو ته ڪجه عنصر صحافت جي  آڙ وٺي غلط ڪم ڪري رهيا آھن پر انهن کي چتاءُ ٿا ڏيون صحافت کي بدنام نه ڪيو. ۽ هميشه حق سچ لکو ۽ غريب مسڪين ماڻھو جو آواز بلند ڪيو.

رپورٽ_رمضان پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.