ملير:صنعان قريشي جي اڳواڻي جسقم جو بحريا متاثر ڳوٺاڻن وٽ پهتو

جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قافلو اڄ بحريا ٽائون ڀرسان قديم ڳوٺن جي متاثرن وٽ پهتو ۽ ڳوٺاڻن کي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ان  موقعي تي جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ،امجد مهيسر ،سرور خشڪ ،ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته اسان کان پنهجا شهر کسيا پيا وڃن،  ڌرتي ڌڻين سان فلسطينين وارو ظلم ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته آصف زرداري پاران ملڪ رياض کي سيوهڻ کان وٺي ملير تائين  سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نوان شهر اڏڻ لاء ڏني پئي وڃي،  سنڌ جي ماڻھن کي پ پ ننڌڻڪو ڪري ماري هيسائي رهي آھي پر جسقم ائين ڪرڻ نه ڏيندي، اسان  مظلوم ڌرتي ڌڻين سان گڏ آھيون،  ڀلي پ پ ملڪ رياض کي نوازي پر جسقم مظلوم ماروئڙن جي مالڪي ڪندي سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڌرتي ڌڻين سان جبر ۽ ظلم ٿيو ته جسقم جا لکين ڪارڪنن ڌرتي ڌڻي مظلوم ماڻھن جي مالڪي لاء هر وقت عملي طور تي ميدان ۾ هوندا ۽ سازشن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا

ان موقعي تي نظام جوکيو ،سيف علي خشڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

رپورٽ_ مقصود جوکيو/ جميل چانڊيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.