ڪراچي: ڪوريجا ويلفيئر آرگنائزيشن ۽ اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو

ڪوريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ سنڌ ڪوريجا اتحاد جي صدر اصغر علي ڪوريجو جي اڳواڻي ۾مارفاڻي برادري جي دھشتگرد الھ داد خلاف احتجاجي مظاھرو ڪو ويو، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ڪوريجا اتحاد جي صدر اصغر علي ڪوريجو ، ڪوريجا اتحاد جي اڳوڻي صدر علي نواز ڪوريجو ، جاويد ڪوريجو، وحيد ڪوريجو، قربان ڪوريجو، سچل وڌو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته مارفاڻي ڳوٺ جي دھشتگرد الھ داد مارفاني سردار شعيب احمد ڪوريجو جي ڳوٺ نواب خان ڪوريجو تي حملو ڪري سڄي ڳوٺ کي حراسان ڪيو آھي، ھنن چيو ته ھڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ميل ڳوٺ جو معصوم رھواسي وقار احمد ڪوريجو گوليون لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو ۽ ڳوٺ جا ڪيترا ئي ماڻھون زخمي ٿي پيا، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪوريجا ويلفيئر آرگنائزيشن ان عمل جي سخت لفظن ۾ ڀرپور مزمت ڪري ٿي ، هنن سنڌ جي وڏي وزير ،چيف جسٽس ھاء ڪورٽ, آء جي سنڌ , ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن تي ايف آء آر ڪاٽِي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.