ڪوٽڙي: جھمپير مان کنڀي گم ڪيل طارق سومرو جي آزادي لاء مظاهرو،ڌرڻو

جھمپير مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن طارق سومرو جي آزادي لاء ايس يو پي پاران ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاء زوردار نعاري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن عبدالفتاح چنا ـ فياض سومرو ـ عاشق ٻگھيو ـ جي ايم خاصخيلي ـ امجد مستوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو اڃان جاري آهي ، جھمپير مان طارق سومرو کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آھي ھنن چيو ته جيڪڏھن ان مٿان ڪو ڪيس آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

رپورٽ- نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.