حسن ابدال ۾ مسافر سان کاهيءَ ۾ پِري پئي، 12 ڄڻا فوت

 

حسن ابدال (ويب ڊيسڪ) حسن ابدال ۾ تيز رفتار بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

لاهور کان مردان ويندڙ مسافر بس برهان انٽر چينج ڀرسان موٽر وي تي ڪار کي بچائيندي تيز رفتاري جي ڪري اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي.

اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس ۽ امدادي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ بدقسمت بس ۾ موجود زخمين ۽ فوت ٿيلن کي ٽي ايڇ ڪيو حسن ابدال پهچايو ويو.

شروعاتي اطلاعن موجب حادثي ۾ 5 مهينن جي ٻارڙي ۽ عورت سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سخت زخمي حالت ۾ راولپنڊي روانو ڪيو ويو.

حادثي ۾ فوتين جي سڃاڻپ مردان واسي اشتفاق علي، مردان واسي سليمان، مردان واسي وقاص، صوابي واسي ڪامران، صوابي واسي محمد رئوف، 32 سالن جي مردان واسڻ حميده، 5 مهينن جي صوابي واسڻ ٻارڙي خديجه ۽ چارسده واسي هارون طور ٿي، جڏهن ته وڌيڪ فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.