پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ٻارن جي اوپن هارٽ سرجري جي شروعات

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ٻارن جي اوپن هارٽ سرجري به شروع ڪئي وئي آهي.

اداري جي ترجمان موجب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ ٻارن جي اوپن هارٽ سرجرين سان گڏ هارٽ اينڊ لنگز ٽرانسپلانٽ ۽ ٻين دل جي مرضن جي علاج جي شروعات به ڪئي وئي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته سرجرين سان پي آءِ سي صوبي جي اڪيلي پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ اسپتال بڻجي ويندي، جنهن ۾ ٻارن جي اوپن هارٽ سرجري ۽ هارٽ ٽرانسپلانٽ ڪري سگهبو.

سندس چوڻ هو ته ٻارن جي دل ۾ پيدائشي سوراخ جهڙين بيمارين جو علاج به ٿي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.