افغانستان ۾ مختلف حملن ۾ 15 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) اولهه افغانستان ۾ طالبان جي ٻن مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪيورٽي اهلڪارن جي مارجڻ جا اطلاع آهن.

رپورٽن موجب باغين فراه صوبي ۾ هڪ چيڪ پوائنٽ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 7 فوجي مارجي ويا، جڏهن ته طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته اهي هڪ فوجي سميت هٿيار به ساڻ کڻي ويا آهن.

ان کان اڳ هرات صوبي جي فارسي ضلعي ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ويڙهاڪن منظم انداز ۾ حملو ڪري 8 فوجين کي ماري ڇڏيو.

واضح رهي ته افغانستان مان جيئن جيئن پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ جو مرحلو اڳتي وڌي رهيو آهي، تيئن طالبان طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.