بنگلاديش ۾ مسافر ٻيڙي سان حادثو، گهٽ ۾ گهٽ 26 فوت

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ هڪ بحري حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اهو حادثو درياسي پدما ۾ سومر ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن مسافرن سان ڀريل هڪ تيز رفتار ٻيڙي ننڍي بحري جهاز سان ٽڪرجي پئي.

پوليس موجب حادثي کانپوءِ هيل تائين 26 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 5 ڄڻا گم آهن ۽ ريسڪيو جو ڪم اڃا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.