مقامي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون اگهه چڙهي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپيا ۽ 10 گرام قيمت ۾ 86 رپين جي واڌ ٿي آهي.

عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالر جي واڌ سان 1781 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ سومر ڏينهن في تولي ۽ 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيبوار 100 رپيا ۽ 86 رپيا واڌ ٿي آهي.

نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت وڌي 104100 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت وڌي 89249 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.