رضا رباني جو صحافين جي تحفظ بابت پاليسي ۽ قانون سازي جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني صحافين جي تحفظ بابت پاليسي ۽ قانون سازي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته حڪومت پيمرا ذريعي ميڊيا کي دٻايو ۽ سينسرشپ ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، مئي 2020 کان اپريل 2021 دوران 15 هزار ميڊيا ورڪر ملازمت تان هٿ ڌوئي ويٺا.

هن چيو ته گذريل هڪ سال جي عرصي ۾ ميڊيا تي حملن ۽ ڀڃڪڙين جا 148 واقعا سامهون آيا، صحافين کي اغوا ڪيو ويو ۽ انهن تي حملا ٿيا، صحافين خلاف 27 جعلي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، صحافت جي آزادي جي انگن اکرن موجب پاڪستان جو 180 ملڪن مان 145هون نمبر آهي.

سندس موجب قومي سيڪيورٽي جي نالي تي ڪنٽرول جو نئون طريقو متعارف ڪرايو ويو آهي، حڪومت کي ڪنهن خبر ۽ ڄاڻ کي ختم ڪرڻ جو ڪور حاصل ٿي ويو آهي.

رضا رباني مطالبو ڪيو ته سينيٽ جي سڄي ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي، جنهن ۾ سڀني شرڪت دارن کي دعوت ڏني وڃي ۽ صحافين جي تحفظ بابت پاليسي ۽ قانون سازي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.