سول ايوي ايشن کاتو بدحال، پائليٽ ڪوڙين ڊگرين تي پيا جهاز هلائن: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته سول ايوي ايشن انتهائي بدحال کاتو آهي ۽ ڪوڙي ڊگرين تي پائليٽ جهاز پيا هلائن.

سپريم ڪورٽ سول ايوي ايشن جي ڪوڙي ڊگري هولڊرز جنرل مينيجر سيڪيورٽي جي پينشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري سول ايوي ايشن جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سول ايوي ايشن انتهائي بدحال کاتو آهي، ڪوڙي ڊگرين تي پائليٽ جهاز پيا اڏائن ۽ ڪوڙي ڊگري تي ماڻهو سيڪيورٽي جهڙي حساس شعبي جي اهم سيٽن نوڪريون پوريون ڪري ويا، ان ڪري ايئرپورٽس تي اسمگلنگ سولائي سان ٿي رهي آهي، هوائن اڏن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون ئي ڪم ناهن ڪنديون.

سپريم ڪورٽ سول ايوي ايشن جي اپيل باقاعده ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي جي ايم سيڪيورٽي نديم زبيري کي پينشن ڏيڻ وارو هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ سول ايوي ايشن جي اپيل باقاعده ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي جي ايم سيڪيورٽي نديم زبيري کي پينشن ڏيڻ وارو هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

سول ايوي ايشن جي وڪيل خالد صديقي اپيل ڪئي ته جي ايم نديم زبيري نه رڳو ڊگري ڪوڙي جمع ڪرائي پر ڪراچي يونيورسٽي جو تصديقي ليٽر به ڪوڙو ٺهرايو، پينشن ڏيڻ وارو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو حقيقن جي خلاف آهي ڪالعدم ڪيو وڃي.

عدالت وڌيڪ ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.