سليڪٽڊ کي عوام کان نه اليڪٽرانڪ مشين کان ووٽ وٺڻا آهن: راڻا ثناءُ الله

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي نه ڊالر ٺاهيندڙ عليمه باجي جي سلائي مشين جي ضرورت آهي.

چونڊن بابت حڪومتي سڌارتي پيڪيج تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سليڪٽڊ عوام کي رليف نه ڏيندو، ڇو ته کيس اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان ووٽ وٺڻا آهن عوام کان نه.

هن چيو ته عمران نيازي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان پنهنجي ڏهاڙي لڳائڻ چاهي ٿو، کيس مزدورن جي ڏهاڙي جي ڳڻتي ناهي، جڏهن شهباز شريف سڌارن جي ڳالهه ڪئي هئي ته چوندا هئا اين آر او گهري رهيو آهي، هاڻ چونڊ سڌارن جي فراڊ تي اڪيلا ويهي پِٽڪو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.