موجوده حڪومتي دور ميڊيا لاءِ به ڪارو ترين آهي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ٻين شعبن جيان موجود حڪومتي دور ميڊيا لاءِ به ڪارو ترين آهي.

صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته صحافت هڪ مقدس پيشي کان وڌيڪ هڪ عظيم مشن جو نالو آهي، جنهن حڪومت ۾ صحافت جي آئيني آزادي نه هجي، ان کي جمهوريت نٿو چئي سگهجي.

هن چيو ته معيشت ۽ ملڪ جي ٻين شعبن جيان موجوده دور ميڊيا لاءِ به ڪارو ترين آهي، موجوده دور ۾ صحافت، سچائي ۽ اختلاف راءِ کي سنگين ڏوهه بڻايو ويو آهي، جيڪا آمراڻي روش آهي.

سندس چوڻ هو ته صحافتي آزادي لاءِ صحافين پنهنجو رت ڏنو، تشدد ۽ سزائون ڀوڳيون، قربانيون ڏيندڙ صحافين کي سلام پيش ڪيون ٿا.

شهباز شريف مطالبو ڪيو ته سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ملڪ ۾ ميڊيا جي تحفظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ قانون سازي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.