جهانگير ۽ علي ترين جي ضمانت ۾ 19 مئي تائين واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي ضمانت ۾ 19 مئي تائين واڌ ٿي وئي.

لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته ابوبڪر خدا بخش کي جاچ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي، اسان کي موقعو ڏنو وڃي ته اسان جاچ جو حصو بڻجون.

وڪيل جو چوڻ هو ته اهي ايف آءِ آرز حقيقتن جي خلاف آهن، ان ڪيس ۾ رقم بابت گهڻا نقص آهن، مڪمل جاچ کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ايف آءِ اي چئي ته ڪيس خارج ڪرڻ جهڙو آهي.

بئنڪنگ ڪورٽ جهانگير ترين ۽ علي ترين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.