جهانگير ترين گروپ جو عيد کان پوءِ حڪمت عملي ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) جهانگير ترين سان وڌيڪ چار قومي اسيمبلي ميمبرن رابطو ڪيو آهي.

ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ جهانگير ترين جي گهر سندس حمايتي ۽ هم خيال پارليامينٽ ميمبرن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته وزير اعظم جي خاطري کان پوءِ عيد تائين خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ وزير اعظم جي نامزد ڪيل سينيٽر علي ظفر ايڊووڪيٽ جي جاچ جو انتظار ڪيو ويندو، جڏهن ته عيد کان پوءِ صورتحال کي ڏسندي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

ذريعن موجب جهانگير ترين سان وڌيڪ چار اسيمبلي ميمبرن رابطو ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٻڌڻي جو اظهار ڪنداسين. ذريعن ٻڌايو ته مشاورتي ويهڪ ۾ ميمبرن تجويز ڏني ته عيد کان پوءِ ٽڪيٽ هولڊرز ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.