ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب پرڏيهي سفارتڪار فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تنزانيا جو سفارتڪار به ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب اها ڪورونا وائرس سبب ڀارت ۾ ڪنهن به پرڏيهي سفارتڪار جي پهرين فوتگي آهي.

تنزانيا جي هاءِ ڪميشن پنهنجي سفارتڪار جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته تنزانيا جو ڊفينس ايڊوائيزر ڪرنل ڊاڪٽر موسيس 28 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو، هو نئين دهلي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

واضح ره يته نئين دهلي ۾ موجود ڪيترائي پرڏيهي سفارتڪار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.